ڪورونا سبب ڀڳت ڪنور جي جنم ڏينهن جي تقريب ملتوي

جروار (محمد بخش گبول)ھند سنڌ جي مشھور صوفي سنت امر شھيد ڀڳت ڪنورام جي 135 ھون جنم ڏڻ جون تقريبون ڪورونا جي ڪري معطل  ,ڀڳت ڪنور رام جي زندگي تي روشني وجهندي جروار جي سياسي سماجي اڳواڻن وڪي ڪمار ڍوليا سڪندر بوزدار عاجز گبول ۽ ٻين چيو ته  ڀڳت ڪنور رام صوفي راڳي ھو جنهن پنهنجي راڳ ذريعي انسانيت کي امن ڀائيچاري ۽ محبت جو درس ڏنو ـ امر شھيد  ڀڳت ڪنور رام جي زندگي مذھبي تفرقن کان آجي ۽ انسان دوستي ۾ گذري سندس پرامن  فڪر ۽ فلسفي کي ياد ڪيو ويندوـ اڄ به ھند سنڌ ۾ ڀڳت ڪنور رام جا لکين پوئلڳ آھن جيڪي ڀڳت ڪنور رام جي فڪر کي دنيا ۾ ڦھلائي رھيا آھن ـ  ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي سچانند ڪيلاش راءِ ۽ ٻين چيو ته ڀڳت ڪنور رام جي جنم آستان جروار ۾ ھر سال سندس جنم ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويندو ھو پر ڪورونا جي حفاظتي تدبيرن کي مد نظر رکندي مک تقريب معطل ڪئي ويئي آھي ـصرف ٻن ماڻھن ڀڳت ڪنوررام جي جنم آستان ۾ تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي. ڪورونا جي ڪري ڪابه تقريب نه ڪوٺائي ويئي.

پهنجو تبصرو موڪليو