ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ريلوي کاتي اعلان ڪيو آهي ته ڪوئيٽا کان اندروني ۽ چمن تائين ٽرين سروس اڄ به معطل رهندي.ڪراچي کان ڪوئيٽا تائين بولان ميل 12 فيبروري تائين معطل رهندي.ريلوي عملدارن موجب، بلوچستان کان اندروني ۽ چمن تائين ٽرين سروس جي معطلي سبب ريلوي کاتي کي هاڻي تائين 30 لک رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي.ٻئي طرف، پنجاب کي بلوچستان سان ڳنڍيندڙ ڊي آءِ خان لورالائي نيشنل هاءِ وي ۽ ڪوئيٽا کان تفتان تائين نيشنل هاءِ وي پڻ 5 ڏينهن لاءِ بند ڪئي وئي آهي.










