ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ڪوئيٽا ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 2,870 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ صحيح قرار ڏئي ڇڏيا آهن.صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب، چونڊن لاءِ 2,870 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، 329 اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن.هن چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ 2,541 اميدوار ميدان ۾ آهن، 641 مان 515 وارڊن ۾ اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو، صرف هڪ اميدوار 108 وارڊن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، جڏهن ته 18 وارڊن ۾ ڪنهن به اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا آهن.صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب، ڪوئيٽا ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 28 ڊسمبر تي ٿيندي.










