ڪنڌڪوٽ ۾ بنگوار برادري جي ڌرين ۾ جھيڙو، ھڪ ڄڻو قتل

ڪنڌڪوٽ ۾ بنگوار برادري جي ڌرين ۾ جھيڙو، ھڪ ڄڻو قتل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ لڳ گبلو واري علائقي ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ ھڪ ڄڻو قتل. خبر موجب ڪنڌڪوٽ لڳ گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ وچ ۾ فائرنگ ڪئي وئي. جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان پرويز بنگوار موقعي تي قتل ٿي ويو ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. جڏهن تہ واقعي بعد ھٿيار بند فرار ٿي ويا. جڏهن تہ واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري لاش ۽ زخمي کي کڻائي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو جتان قتل ٿي ويل نوجوان جي لاش قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. جڏهن تہ واقعي بابت پوليس جو چوڻ هو تہ چوري جي معاملي تي واقعو پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ….

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو