سکر(ن س) سکر ضلعو ڏوهارين حوالي ٿي ويو بدامني جي باه عروج ٿي پهچي وئي پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل گذريل رات ڪنڌرا ۾ ڏوهارين سان مقابلي ۾ ھڪ اهلڪار شھيد ٿي ويو ڏوهاري آساني سان فرار ٿي ويا شھيد اهلڪار جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي.سکر ضلعي ۾ بدامني جي باه تي ضابطو نه اچي سگهيو ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا روهڙي ڀرسان ڪنڌرا پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو، مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد، اي ايس آءِ سخت زخمي ٿي پيو. روهڙي ڀرسان ڪنڌرا ٿاڻي جي حد سيهڙ جي باغ وٽ ڪنڌرا پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران فرض نڀائيندي ڪانسٽيبل گلڻ تنيو شهيد ٿي ويو، جڏهن ته اي ايس آءِ بخت الله تنيو سخت زخمي ٿي پيو.پوليس موجب مقابلي دوران ڏوهارين جي فائرنگ سبب ڪانسٽيبل گلڻ تنيو زخمي ٿيو، جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته زخمي اي ايس آءِ بخت الله تنيو جو علاج جاري آهي. واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي اظهر خان سميت پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. هوڏانهن شهيد اهلڪار گلڻ تنيو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي دستي شهيد اهلڪار کي سلامي پڻ پيش ڪئي.










