ڪنڀارڪو ڪم گهٽجڻ لڳو، اباڻي ڪرت جاري رکڻ جو عزم

ڊرگھه بالا(رپورٽ جي ايم لنڊ ) سنڌ سميت ڪاڇي ۾ مڃتا ماڻيندڙ چيڪي مٽي مان ٺھندڙ ٺڪر جا، مٽ، دلا، ڪونڊا، ناديون، گهگهيون، ۽ ٻين ٿانون جو ڌنڌو زوال پذير ٿي رهيو آهي،  ديس توڙي پرديس ۾ مشهور ڌنڌي جي اهميت گهٽجڻ ڪري ڪاريگر مايوسي جو شڪار گذريل ٽن چئن ڏھاڪن کان ڪم ڪندڙ ڪنڀار ٿانون جي اهميت نه وڌڻ ڪري فاقه ڪشي ڪٽڻ ۽ غربت جي لڪير هيٺ زندگي بسرڪري رهيا آھن، ڪاڇي جي مهڪندڙ خوشبوءِ  ڀري مٽي مان ٺھيل ٿانو جيڪي ڪاڇي واسين لاء بغير بجلي جي فرجن جهڙي سهولت ڏيندڙ ۽ پاڻي ٿڌو رکڻ جي صلاحيتن هئڻ جي باوجود اهي ٿانو اهميت ۽ مارڪيٽن تائين رسائي نه هئڻ سبب ٺھڻ گهٽجي ويا آهن. هوٽلن، گهرن، اوطاقن، تي پيل مٽ، دلا، ۽ گُهگهين، ۾ پاڻي رکڻ  بجاء فرج، ۽ ڪولر ۽ برف جي پاڻي جي اهميت وڌي وئي آهي.

علائقي جي مشهور ڪاريگرن  منظور ڪنڀر، مولابخش ڪنڀر، حسن ڪنڀر ۽ ٻين ٻُڌايو ته  بجلي جي نظام فريزر جي اچڻ سبب ماڻھن ۾ ٿڌو مٽ وٺڻ واري رواج ۾ گھٽتائي اچي وئي آھي ۽ پلاسٽڪ جي ٿانون سبب مٽي جا ٿانو نٿا وڪامن، پر هاڻي دنيا ۾ ٿيل تحقيق بعد اهو ثابت ٿيو آهي ته پلاسٽڪ جي ٿانون مان ڪينسر ٿئي ٿي ۽ ڪجهه ماڻهو شوقيه طور مٽي جي ٿانون کي اهميت ڏين ٿا پر انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي. هنن ٻڌايو ته اڳ ۾ شادي جي تاريخ ماڻهو اسان کان وٺي پوءِ طئي ڪندا هئا پر وقت جي ڌارار سڀ مٽائي ڇڏيو آهي. هنن ڪاروباري نقصان جي باوجود اباڻي ڪرت جاري رکڻ جي عزم جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو