پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي حڪومت کي چيلينج ڏنو آهي ته جيڪڏهن همت آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳائي ڏيکاريو، اسان ڪنهن کان به نٿا ڊڄون.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته صوبي ۾ پهريان ئي پي ٽي آءِ باني عمران خان جو راڄ آهي انهي ڪري ڪنهن ٻئي راج جي ضرورت نه آهي جيڪڏهن همت آهي ته گورنر راج لڳائي ڏيکاريو.امن امان بابت صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته بند ڪمرن جون پاليسيون خيبرپختونخواهه ۾ لاڳو ڪندڙن کي احساس ڪرڻ گهرجي. انهي کان اڳ پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر به چيو هو ته مون کي خيبرپختونخواهه م گورنر راج لڳندي نظر نه پيو اچي.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سلمان اڪرم راجا صحافين سان ڳالهين جي دوران چيو ته گورنر راج جي آئين ۾ اجازت صرف انهي صورت ۾ آهي جڏهن صوبائي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وڃي. هن چيو ته آئين اهو چوي ٿو ته صوبي ۾ حڪومت عوام جي نمائندن جي هوندي ۽ هن وقت عوام جا نمائنده موجود آهن، ڪابينه به موجود آهي.هن چيو ته سهيل آفريدي وڏي اڪثريت سان وڏو وزير چونڊجي آيو آهي، وفاقي حڪومت کي خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجو نمائندو مڙهڻ جي ضرورت نه آهي.










