ڪميٽي اجلاس منصور شرڪت نه ڪئي،نعيم 63 اي جي بينچ ۾ شامل

ڪميٽي اجلاس منصور شرڪت نه ڪئي،نعيم 63 اي جي بينچ ۾ شامل

اسلام آباد (بيورو) پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي 63 اي جي تشريح واري معاملي تي نئين بينچ جوڙي ڇڏي.سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جو ٽيون ميمبر ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه اڄ به شرڪت نه ڪئي.ٻئي طرف ججز ڪميٽي 63 اي جي تشريح واري معاملي تي نئين بينچ جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ جسٽس منيب اختر جي جاءِ تي 5 رڪني بينچ ۾ جسٽس نعيم اختر افغان کي شامل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندو خيل، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ مظهر عالم خان تي ٻڌل نئين بينچ 63 اي جي تشريح واري معاملي تي ٻڌڻي ڪئي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ان موقعي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه جو نالو تجويز ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو