ڪراچي ( ن سنڌيار) ڪراچي جي ڪمشنر محمد اقبال ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڊينگي جي روڪٿام بابت اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ ڪياماڙي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو سان گڏ ستن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن۔ڪياماڙي ضلعي جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عتيق الرحمان قريشي سان گڏ ستن ضلعن جي ڊي ايڇ اوز فوڪل پرسن ۽ مختلف ادارن جي نمائيندن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ ڊينگي جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳٺتي جو اظھار ڪيو ويو اجلاس ۾ ڊينگي جي ڪيسن تي ضابطو آڻڻ لاء تجويزون ورتون ويو محمد اقبال ميمڻ جو چوڻ ھو ته ڊينگي جي ڪيسن تي ضابظو آندو وڃي مڇر مار اسپري ۾ تيزي آندي وڃي ته جيئن ڊينگي جي ڪيسن تي ضابطو اچي سگھي ڪياماڙي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو ۔ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عتيق الرحمان قريشي ۽ ٻين ڪمشنر ڪراچي کي تجويز ڏني ته ھنگامي بنيادن تي شھر ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي ۽ بيٺل پاڻي کي به نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن ڊينگي وائرس تي ضابطو اچي سگھي










