مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ اڄ جمعي تي چونڊ مهم جو آخري ڏينهن آهي. وزيراعظم عمران خان ، ڪوٽلي ۽ خان تراڙ ۾ جلسن کي خطاب ڪندو. جڏهن ته بلاول ڀٽو آمريڪا ياترا بعد موٽي آيوآهي ۽ هو اڄ باغ ۽ مظفرآباد ۾ خطاب ڪندو. مسلم ڪافرنس جو سردار عتيق احمد خان ڌير ڪوٽ ۾ چونڊ مهم جي جلسي کي خطاب ڪندو. مريم نواز اڳ ۾ ئي چونڊ مهم مڪمل ڪري چڪي آهي. آزدا ڪشمي ۾ چونڊ مهم دوران اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 23 کان 26 جولاءِ تائين فوج ريپڊ ريسپانس طور ڪم ڪندي.










