ڪشمور (ن س ) بخشاپور ڀرسان ڳوٺ موج علي گولاٽو ۾ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب چار ٻارڙا مارجي ويا، جڏهن ته ٻه سخت زخمي ٿي پيا.بخشاپور ڀرسان زور ڳڙھ جي ڳوٺ موج علي گولاٽو ۾ زنگ آلود راڪٽ لانچر جو گولو اوچتو ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گولا برادري جا ساڳئي خاندان سان تعلق رکندڙ چار معصوم ٻارڙا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻه ٻار شديد زخمي ٿي پيا.شروعاتي ڄاڻ موجب ٻارڙا ڳوٺ مان برآمد ٿيل پراڻي گولي کي ناڪاره سمجهي راند ڪري رهيا هئا، جنهن دوران اوچتو ڌماڪو ٿيو ۽ سڄو علائقو ڌماڪي سان لڏي ويو.افسوسناڪ اطلاع تي بخشاپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ سرچ آپريشن شروع ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته بارودي مواد پراڻو ۽ زنگ آلود هو، جنهن ڪري اهڙو حادثو پيش آيو.










