ڪسٽم ڪاروائي، 15ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي چاندي جون سرون هٿ

ڪسٽم ڪاروائي، 15ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي چاندي جون سرون هٿ

حيدرآباد:( ن س) حيدرآباد ۾ ڪسٽم جي وڏي ڪارروائي، 15 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي 164 ڪلو گرام چاندي هٿ ڪئي وئي
ڪليڪٽر آف ڪسٽمز ڊاڪٽر ناصر خان حيدرآباد ۾ پنھنجي ٽيم سان گڏ اسمگلنگ جي خلاف وڏي ڪاروائي ڪندي 164 ڪلو گرام چاندي جون سرون ھٿ ڪري ورتيون آھن، جن جي ماليت تقريبن 15 ڪڙوڙ روپيه ٻڌائي پئي وڃي.
اھي ڪامياب ڪارروايون حيدرآباد ۽ جيڪب آباد جي علائقن ۾ ڪيون ويون، ڪسٽم اسمگلنگ جي الزامن ۾ مجموعي طور تي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ انھن خلاف ايف آئي آر پڻ ڪئي وئي آھي. ھٿ آيل چاندي جون سرون ۽ قبضي ۾ ورتل گاڏين کي وڌيڪ قانوني ڪاروائي لاء ڪسٽم ھائوس منتقل ڪيو ويو آھي، ڪسٽم اختيارين طرفان جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو