ڪرڪ ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ، 5 پوليس اهلڪار شهيد

ڪرڪ ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ، 5 پوليس اهلڪار شهيد

ڪرڪ )ويب ڊيسڪ)ڪرڪ ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ ۾ پنج پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس موجب، پوليس موبائيل تي فائرنگ جو واقعو گارگري پوليس اسٽيشن جي حد ۾ پيش آيو، ۽ فائرنگ ۾ چار پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.ڊي پي او ڪرڪ سعود خان فائرنگ جي واقعي ۾ پنجن پوليس اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته پوليس موبائيل ۾ پنج آفيسر هئا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تي وڏي نفري موڪلي وئي آهي ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ به ڪوششون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو