ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪوڙن ڪاغذن تي ٻاهر ويندڙ جوابدار گرفتار

ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪوڙن ڪاغذن تي ٻاهر ويندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آئي اي اسگلنگ روڪٿام سرڪل ڪراچي هڪ ڪارروائي ۾ ڪرڪيٽ ڪلب جي آڙ ۾ جعلي ڪاغذن جي بنياد تي آمريڪا وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، تفصيل موجب لاهور سان تعلق رکندڙ جوابدار جي سڃاڻپ شڪيل رفيق جي نالي سان ٿي آهي. جنهن کي ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني جي ٻاهر گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار جي خلاف ڪارروائي آمريڪا جي قونصل خاني جي درخواست تي عمل ۾آندي وئي. جوابدار سجاد نالي ايجنٽ کان جعلي ڪاغذ حاصل ٿيا هيا، جيڪو جوابدار جو دوست به هو. جوابدار سجاد کان 32 هزار عماراتي درهم جنهن عيوض معاملو طئي ڪيو هو. جوابدار شروعاتي طور تي4 لک 50 هزار پاڪستاني پيسا ادا ڪيا، جڏهن ته بقايا رقم ويزا لڳڻ تي ادا ڪرڻي هئي.جوابدار آمريڪي قونصليٽ ۾ پاڻ کي ڪرڪيٽ ڪلب سان وابسطه ظاهر ڪيو ۽ ڪرڪيٽ ڪلب سان وابسطگي جي حوالي سان جعلي ڪاغذ به پيش ڪيا. جڏهن ته جوابدار ڪرڪيٽ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڄاڻ نه رکي هئي. ايف ايف آئي جي ترجمان مطابق آمريڪي قونصليٽ جي عملي پاران ڪاغذن جي حوالي سان تسلي بخش جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو. جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ جي شروعات ڪئي وئي، جڏهن ته ايجنٽ سجاد جي گرفتاري جي حوالي سان جاچ جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو