ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊ ذريعي شاپنگ، ٽيڪس ختم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ ڊيبٽ ڪارڊ ذريعي شاپنگ ڪرڻ تي لاڳو 1.5 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت چاهي ٿي ته معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ ۾ هن قدم سان مدد ملندي. هي ٽيڪس لاڳو هئڻ سبب اڪثر دوڪاندار ۽ پيٽرول پمپ وارا اها ٽيڪس صارف کا ڪٽيندا هئا جنهن سبب صارفين واڌو رقم ادا ڪرڻ بدران ڪيش ۾ ادائگي ڪندا هئا. ٽريبيون اخبار جي رپورٽ موجب ڊجيٽل بئنڪر سهيل ملڪ جو چوڻ آهي ته هن قدم سان ڊجيٽل ادائگين ۾ وڏو فرق پوندو. سندس موجب ملڪ ۾ ساڍا چار ڪروڙ ماڻهن وٽ ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊ آهن پر آن لائن شاپنگ ۾ بمشڪل پنج کان 10 سيڪڙو ڪارڊ استعمال ٿيندا هئا.، هاڻي اها شرح ڪافي وڌڻ جو امڪان آهي. سندس چوڻ آهي ته هاڻي پوائنٽ آف سيلز تي ڊيبٽ ڪارڊ جي صورت ۾ 0.2 سيڪڙو ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ تي 0،7 سيڪڙو چارج ڪيو ويندو. پيٽروليم ڊيلر ملڪ خدا بخش جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ پوڻا 2 روپيا في لٽر تي بئنڪ ڪٽيندي هئي ۽ 2 هفتا اڳ هنن پيٽروليم منسٽر سان اهو معاملو اٿاريو هو ۽ سٺي ڳالهه آهي ته حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو