اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ڪرغزستان چيو آهي ته افغان حڪومت عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ کان علاوه پاڪستان جا سيڪيورٽي خدشا ختم ڪري، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، معدنيات، واپار، تعليم، قانون، انصاف، ثقافت ۽ سياحت تي 15 ايم او يوز تي صحيحون ٿيون جڏهن ته واپار جو حجم 200 ملين آمريڪي ڊالر تائين آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادرزاپاروف جي وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي، ٻطرفي ڳالهين ۾ وزيراعظم جي مدد ڊپٽي وزيراعظم، پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين اهم وفاقي وزيرن ۽ سينئر سرڪاري اختيارين شرڪت ڪئي.وزيراعظم انهي ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان جمهوري ڪرغزستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي نهايت اهميت جي نظر سان ڏسي ٿو. وزيراعظم وچ ايشيائي ملڪن سان رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي جي تحت پنهنجي ارادي جو اظهار ڪيو.ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي لاڳاپن جو تاريخي رابطن، گڏيل تهذيب، اقتدار ۽ علاقائي امن، خوشحالي جي گڏيل وزن تي قائم آهن انهي کي هٿي ۽ واڌ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي وچ ۾ جاري گڏيل تعاون ۽ خاص طور تي واپار، توانائي، مواصلات ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.گڏيل اقتصادي تعاون ۾ اضافي جي ضرورت کي اجاگر ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار ۽ سرمائيڪاري کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. جڏهن ته دوري جي دوران صحيح ٿيل معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي موثر عملدرآمد جي ذريعي 2027-2028 تائين ٻطرفي واپار جو حجم 200 ملين آمريڪي ڊالر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ملاقات جي دوران 28-29 جولاءِ 2025 تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪرغزستان پاڪستان گڏيل سرڪاري ڪميشن جي پنجين اجلاس جي ڪامياب منعقد ٿيڻ تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن علاقائي استحڪام جي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي اهميت کي مڃيندي CASA-1000 منصوبي تي وقت تي ۽ موثر عمل ڪرڻ جي گڏيل ارادي جو اظهار ڪيو. اهو منصوبو علاقائي توانائي تعاون ۾ اهم سنگ ميل ۽ وچ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ هڪ اهم رابطو آهي.ٻنهي اڳواڻن جمهوريه ڪرغزستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ محفوظ، مستحڪم ۽ دير تائين ۽ ڊگهن رابطن جي ضرورت تي به زور ڏنو. انهي حوالي سان ٻطرفي ۽ علاقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ڪواڊرليٽرل ٽريفڪ ان ٽرانزٽ ايگريمينٽ ڪيو ٽي ٽي اي جي تحت روڊ ڪوريڊر جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.ڳالهين جي دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳواڻن اهم علاقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ علاقائي امن، سلامتي کي پيش ايندڙ وڌندڙ خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تڪرارن کي عالمي قانون خاص طور تي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ لاڳاپيل سلامتي ڪونسل جي قراردادن موجب پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي.ٻنهي اڳواڻن پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ۽ افغان عوام جي لاءِ پائيدار مستقبل جي عزم جو ارادو ڪيو ۽ اتفاق ڪيو ته افغان طالبان حڪومت کي عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن ۽ پاڪستان جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ دهشتگرد عناصرن جي خلاف پڪا ۽ قابل تصديق قدم کڻڻ گهرجن. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جاري امن ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فلسطيني عوام جي حق خود اراديت ۽ هڪ خودمختار قابل عمل متحد ۽ آزاد فلسطيني رياست جو جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف بطور دارالخلافه تي ٻڌل هجڻ جي قيام جي غير متزلزل حمايت جو ارادو ڪيو.انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي توانائي، معدنيات، واپار، تعليم، قانون، انصاف، ثقافت ۽ سياحت ۾ گڏيل دلچسپي جي 15 مفاهمت جي ياداشتن جي ڏي وٺ ۽ معاهدن تي صحيح جي به تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي صدر شرڪت ڪئي.هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر جو وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ پرجوش استقبال ڪيو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي جمهوريه ڪرغزستان جي صدر صادرزا پاروف کي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. سرڪاري استقباليه تقريب کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ذاتي سطح تي ملاقات ٿي.وزيراعظم شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر ۽ انهي جي وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو جنهن کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن ميڊيا سان به ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ ملاقات ۾ ٿيل ڳالهين جي نڪتن تي روشني وڌي وئي.
مشهور خبرون










