ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي جمشيد ڪوارٽر ۾ صبح سوير ٽارگيٽ ڪلنگ جي نتيجي ۾ 2 ڀائر مارجي ويا، پوليس موجب واقعو دشمني جو نتيجو آهي.ايس پي جمشيد ڪوارٽر علينا راجپر موجب گرو مندر چوڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار جوابدارن ڪاري ڪار تي فائرنگ ڪئي.هنن جو چوڻ آهي ته جوابدارن ٻن طرفن کان ڪار تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٻه ڀائر واجد اورنگزيب ۽ شان اورنگزيب سخت زخمي ٿي پيا.ايس پي جمشيد ڪوارٽرز علينا راجپر جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ 5 ڀائر سوار هئا، جن مان 2 ڄڻا فوت ۽ 2 سخت زخمي ٿي پيا.ٻنهي زخمين کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي هڪ جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته پنجون ڀاءُ حملي ۾ فرار ٿي ويو.هن چيو ته واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو آهي، واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پستول جا 18 خول هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪار تي لڳ ڀڳ گولين جا نشان پڻ مليا آهن.پوليس ذريعن موجب ڪار تي فائرنگ مبينا طور دشمني سبب ڪئي وئي، مارجي ويلن جو تعلق مشهور آئس ڪريم جي دڪان سان هو.پوليس موجب پنجن ڀائرن کي سٽي ڪورٽ ۾ پيشي لاءِ وڃڻ دوران نشانو بڻايو ويو.سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس ايسٽ فرخ رضا چيو آهي ته مقتول جي قتل واري واقعي کان ٻئي ڌر سان دشمني هلندڙ آهي.مقتول جي ڀاءُ تي قتل ۾ ٻئي ڌر جو ملوث هجڻ جو الزام آهي، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.










