ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ 16 مارچ تي ٿيندڙ ضمني چونڊ روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف ڪراچي جي استعيفيٰ ڏيندڙ ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.درخواست داخل ڪندڙن ۾ علي زيدي، آفتاب جهانگير، فهيم خان، عطاءُ الله ايڊووڪيٽ، سيد الرحمان محسود، آفتاب صديقي، اسلم خان، نجيب هارون ۽ عالمگير خان شامل آهن.عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 مارچ تائين ملتوي ڪندي اليڪشن ڪميشن، اسپيڪر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. درخواستگذار جي وڪيل شهاب امام ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي قانون موجب استعيفائن جي منظوري جو عمل مڪمل ناهي ڪيو، استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن جي استعيفيٰ جي تصديق ناهي ڪئي وئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ٿيو؟ وڪيل شهاب امام چيو ته اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ به آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ به هڪ اهڙي ئي درخواست تي روڪيل حڪم جاري ڪري چڪي آهي، اسپيڪر وٽ استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو اختيار ناهي.










