ڪراچي ۾ ڪار ريس، ٽريڪ تي فلڊ لائيٽون نصب

ڪراچي ۾ ڪار ريس، ٽريڪ تي فلڊ لائيٽون نصب

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪار ريسنگ لاءِ آٽو ڪراس ٽريڪ تي فلڊ لائيٽون لڳايون ويون آهن.ڪراچي سپر هاءِ وي تي قائم هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ٽريڪ تي ايل اي ڊي لائيٽون لڳايون ويون آهن.ٻن ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊگهي ٽريڪ تي 100 لائيٽ ٽاور لڳايا ويا آهن.ان کان علاوه، 300 ايل اي ڊي لائيٽون ۽ 4 هاءِ ماسٽ ٽاور پڻ لڳايا ويا آهن.ڏينهن ۽ رات ۾ آٽو ڪراس ٽريڪ تي مقابلا منعقد ڪيا ويندا، ۽ لائيٽن سان گڏ 200 ميٽر ڊريگ ريس ٽريڪ پڻ تيار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو