ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ يوپي موڙ وٽ تيز رفتار ڪار يو ٽرن وٺندي ڀت سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ فرار ٿي ويو.پوليس موجب حادثي کانپوءِ تيز رفتار ڪار جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ڪار ۾ سوار 2 ڄڻن کي پڪڙي عوام مٿان تشدد ڪيو.حادثي ۾ ڪار ۾ سوار 2 ڄڻا پڻ معمولي زخمي ٿي پيا، پوليس ٻنهي ماڻهن کي مشتعل شهرين کان بازياب ڪرائي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪار کي به تحويل ۾ وٺي سرسيد ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته شهرين الزام هنيو آهي ته ڪار ۾ سوار ماڻهن شراب نوشي ڪئي هئي پر ميڊيڪل ٽيسٽ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته منشيات جو استعمال هو.حادثي ۾ ڪار جو اڳيون حصو تباهه ٿي ويو.










