ڪراچي ۾ ڪارروائي، القاعده جا 5 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي ۾ ڪارروائي، القاعده جا 5 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري کاتي(سي ٽي ڊي) وفاقي ڳجهن ادارن ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ڪوشش کي ناڪام بنائي ڇڏيو رپورٽ موجب سي ٽي ڊي سنڌ ڳجهن ادارن سان گڏجي ڪراچي جي علائقن منگهو پير ۽ ڪشمير روڊ تي ڪارروايون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ فتنه الخوارج ۽ القاعده جي 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) جو الله نور ۽ سرفراز شامل آهن جڏهن ته سليم، جهانگزيب ۽ امدادالله جو تعلق القاعده سان آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته گرفتار دهشتگرد پاڙيسري ملڪ کان عسڪري تربيت يافته آهن جيڪي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا، انهن جي قبضي مان غيرقانوني هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن جي خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو