ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا، 4 گرفتار

ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا، 4 گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن ۾ ٻه شڪي مارجي ويا ۽ ٻن زخمين سميت چار شڪي گرفتار ڪيا ويا.بلال ڪالوني پوليس مقابلي کان پوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ هڪ زخمي به شامل آهي. زخمي جوابدار علاج دوران فوت ٿي ويو. فوت ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ فرهاد احمد لوڌي عرف سيٺ جي نالي سان ٿي.پوليس موجب، فوت ٿيل جوابدار هڪ برطرف پوليس آفيسر آهي جيڪو مجرمانه سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي ڪري برطرف ڪيو ويو هو. ملزم اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل ويو آهي.رضويه پوليس مبينا مقابلي کان پوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ هڪ زخمي به شامل آهي. صديق آباد قبرستان جي ويجهو نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس سان ٻه طرفي فائرنگ ۾ هڪ شڪي مارجي ويو. ساٿي رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ ڳولا جاري آهي.خواجه اجمير نگري پوليس مقابلي کان پوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته ساٿي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويو، ۽ ڳولا جاري آهي.پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته مقتول ۽ گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، شهرين کان چوري ٿيل سامان ۽ موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو