ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گذريل رات شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس سان ٿيل مبينا مقابلي ۾ 9 شڪي ماڻهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.لائنز ايريا گدا موڙ ويجهو مبينا مقابلي کانپوءِ پوليس هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ساٿي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان دوران سچل پوليس سپر هاءِ وي تي انارا گارڊن ويجهو مبينا مقابلي ۾ شڪي ماڻهن سان فائرنگ ڪئي. ٻه طرفي مقابلي کانپوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پر سندس ساٿي فرار ٿي ويو.فيروز آباد پوليس ۽ شاهين فورس هِل پارڪ ويجهو مبينا مقابلي کانپوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته هڪ ساٿي رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نيو ڪراچي پوليس سان ٿيل مبينا مقابلي ۾ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. گلبهار پوليس به مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل پوليس هِل پارڪ ويجهو هڪ شڪي ڪار کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي ڪار ۾ سوار شڪي ماڻهن پوليس تي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾، هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويو.نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس سيڪٽر 6 بي جي ويجهو مقابلي کانپوءِ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان، هڪ موٽرسائيڪل ۽ هڪ ڪار هٿ ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










