ڪراچي ۾ سخت گرمي ۾ به بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ

ڪراچي ۾ سخت گرمي ۾ به بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سخت گرمي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي عرصي تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته مستثنيٰ علائقن ۾ به لوڊشيڊنگ جاري آهي.ڪياماڙي، کارادر، لياري، اورنگي ٽائون، بلديا ٽائون ۽ سعيد آباد ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.ساڳئي طرح لياقت آباد سي-1 ايريا، ناظم آباد، گلبهار، رضويه، پاڪ ڪالوني ۾ به بجلي جي بندش عام آهي.نيو ڪراچي ۽ نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد جي مختلف سيڪٽرن ۾ به بجلي جي بندش جاري آهي.سخت گرمي ۾ بفر زون، شادمان ٽائون، گلشن عمير ۽ اسڪيم 33 ۾ به بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو