ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين شهر ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل رات جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26.5 ڊگري سينٽي گريڊ هو، جڏهن ته شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ سامونڊي هوائون هن وقت بيٺل آهن ۽ نمي جو تناسب 48 سيڪڙو آهي.خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.سومر ڏينهن، سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۽ مٺي ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪراچي، سکر، سبي، لسبيلا ۽ ٺٽي ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ، ڊيرا غازي خان، ملتان ۽ بهاولپور ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ، لاهور ۾ 37 ڊگري سينٽي گريڊ، اسلام آباد، ڪوئيٽا ۾ 34 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ پشاور ۾ 33 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات پڻ پئي، جن ۾ لاهور، شيخوپوره، پاڪپتن، فيصل آباد، گجرات ۽ وهاڙي شامل آهن، ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڳڙا پڻ پيا.خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ مينهن ۽ بجلي جي ڪري پنج ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته بابوسر ٽاپ، نانگا پربت ۽ بتوگها ٽاپ تي وقفي وقفي سان برفباري جاري آهي.










