ڪراچي ۾ بازارون، شادي هال ۽ ريسٽورنٽ جلدي بند ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي ۾ بازارون، شادي هال ۽ ريسٽورنٽ جلدي بند ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ اندر توانائي بحران کي ڏسندي ڪراچي ۾ مارڪيٽن ۽ شادي هالن جو وقت محدود ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. ڪمشنر آفيس ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس ۾ واپارين هول سيل مارڪيٽون شام 6 وڳي، شاپنگ سنيٽر ۽ بازارون رات 9 وڳي، شادي هال ۽ ريسٽورنٽ رات 11 وڳي کان 12 وڳي تائين بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.اجلاس ۾ ڪراچي جو ڪمشنر اقبال ميمڻ، صوبائي وزير سعيد غني، اڪرام الله ڌاريجو، مڪيش چاولا، ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر سيف الرحمان، مارڪيٽس ايسوسيئيشنز ۽ شادي هال ايسوسيئيشن جا نمائندا شريڪ ٿيا.واپارين هول سيل مارڪيٽون شام 6 لڳي، شاپنگ سينٽر ۽ بازارون رات 9 وڳي تائين بند ڪرڻ جي تجويز ڏني، گڏوگڏ انهن شادي هال ۽ ريسٽورنٽ رات 11 وڳي کان 12 وڳي تائين بند ڪرڻ جي تجويز ڏني.هوڏانهن انتظاميا توانائي بحران کي ڏسندي مارڪيٽون رات 7 کان 9 وڳي تائين بند ڪرڻ جي تجويز ڏني.اجلاس ۾ واپارين طرفان آچر تي موڪل ۽ ڇنڇر تي ڪاروباري وقتن ۾ رليف ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي.واپارين چيو ته انتظاميا جي مقرر ڪيل وقت کانپوءِ جيڪڏهن دڪان بند ڪرڻ ۾ ڪجهه دير ٿي وڃي ته ڪيس داخل نه ڪيا وڃن.هنن شهر ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ چيو ته شهر ۾ هڪ ئي وقت مارڪيٽون ۽ بازارون بند ٿيڻ سان ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويندو.سعيد غني چيو ته ڪاروباري وقتن جو فيصلو واپارين جي اڪثريتي راءِ موجب ئي ڪيو ويندو، توانائي بحران جي حوالي سان سولر سسٽم سميت ٻين تجويزن تي به عمل ڪيو ويندو.هن چيوت ته وفاقي حڪومت کي اسان چيو هو ته اسٽيڪ هولڊڙز سان مشاورت ڪنداسين، 8 کان 10 ڪلاڪن جي ڪاروباري وقت ۾ 6 ڪلاڪ بجلي نه هجي ته ڪهڙو ڪاروبار ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو