ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي سخت گرمي جي اڳڪٿي

ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي سخت گرمي جي اڳڪٿي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ سومر تي 42 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد 50 ڊگري کان وڌيڪ محسوس ڪيو ويو.ڪراچي جي مختلف علائقن مان سومر ڏينهن وڌيڪ 7 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن.سومر تي جناح ۽ سول اسپتال ۾ سخت گرمي سبب 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.ايڌي فائونڊيشن جي ٽن سرد خانن مان ٽن ڏينهن دوران 300 لاش ڪڍيا ويا آهن.فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته فوتين جو انگ عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي.سخت گرمي دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي معطل آهي، بلديا بحريا ڪالوني ۽ موسيٰ ڪالوني ۾ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.صحت جي ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو سج ۾ ٻاهر نه نڪرن، وڌيڪ پاڻي پيئجن ۽ هلڪي رنگ جا ٿلها ڪپڙا پائڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو