ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر وسي پيا، جنهن کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.سپر هاءِ ڪوي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن۾ برسات ٿي، ان کانسواءِ ملير، ميمڻ ڳوٺ، گلشن حديد ۽ گلشن معمار ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جاري آهي.سرجاڻي ٽائون جي مختلف علائقن ۾ ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ تيز هوائن گُهلي رهيون آهن.ٻئي پاسي حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات ٿي.










