ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم جزوي طور تي ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 24 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪراچي ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 76 سيڪڙو آهي.










