ڪراچي ۾  انٽرجا امتحان شروع، حساس سينٽرن تي رينجرز مقرر

ڪراچي ۾ انٽرجا امتحان شروع، حساس سينٽرن تي رينجرز مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ تحت انٽر ميڊيئيٽ جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن.شهر قائد ۾ اڄ صبح جي شفٽ ۾ انگلش جو پيپر ٿيندو ۽ منجهند جي شفٽ ۾ فزڪس جو پيپر هوندو.امتحانن ۾ 1 لک 39 هزار کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون شاگردياڻيون حصو وٺندا جڏهن ته صبح ۽ شام جي شفٽ ۾ ڪل 180 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.انٽر بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 26 سينٽرن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جتي رينجرز کي مقرر ڪيو ويندو.نسيم ميمڻ جو چوڻ آهي ته امتحانن دوران بجلي سان گڏ لوڊشيڊنگ نه آهي، امتحاني مرڪزن ۾ ڪنهن به قسم جي ڊيوائس، موبائل فون يا ڪاپي جو مواد کڻي وڃڻ تي پابندي آهي.هن وڌيڪ چيو ته سمورن امتحاني مرڪزن تي قلم 144 لاڳو آهي، امتحاني مرڪزن جي چوڌاري فوٽو اسٽيٽ مشينون بند هونديون، امتحانن دوران موبائل فون ضبط ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو