ڪراچي ۾ انٽرا سٽي ۽ اِي وِي بسز جو پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي ۾ انٽرا سٽي ۽ اِي وِي بسز جو پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار پاران بسز تيار ڪندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪمپني جو ڪراچي ۾ انٽرا سٽي ۽ اِي وِي بسز جو پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، دنيا جي ناليواري بس ساز ڪمپني يو ٽيونگ مڊل ايسٽ جي سي اي او ۽ ٻين جي ڪراچي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي،صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي دعوت تي يو ٽيونگ ڪمپني پاران ڪراچي ۾ پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ بسز تيار ڪندڙ پلانٽ جو ڪم ٽن مهينن اندر شروع ٿي ويندو، هاڻي يو ٽيونگ جون انٽرا سٽي ۽ اليڪٽرانڪ بسز ڪراچي ۾ ئي تيار ڪيون وينديون، پلانٽ ۾ اِي وِي بسز ۽ هائبرڊ ڊيزل بسز تيار ڪيون وينديون، سينيئر صوبائي وزير چيو ته پلانٽ لڳڻ سان صنعتن کي هٿي ملندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، ڪراچي ۾ بسز جي تياري سان پاڪستان جو مٽا سٽا وارو ناڻو به بچندو

پهنجو تبصرو موڪليو