ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڊينگي بخار جي ڪيسز ۾ خطرناڪ اضافو

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڊينگي بخار جي ڪيسز ۾ خطرناڪ اضافو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن(پي ايم اي) سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڊينگي بخار جي ڪيسز ۾ خطرناڪ اضافو ٿيڻ تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.پي ايم اي موجب ڊينگي بخار جي ڪيسز ۾ غير معمولي اضافو ناڪاره بلدياتي نظام، صفائي جي ناقص صورتحال مڇرمار مهم جي گهٽتائي سبب ٿي آهي. تنظيم چيو ته اها قدرتي وبا ناهي پر انساني غفلت سبب پيدا ٿيل بحران آهي. سنڌ جي صحت کاتي جي تازن انگن اکرن موجب هن سال صوبي ۾ 11.789 ڊينگي ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جن مان 6.199 ڪيسز صرف هلندڙ مهيني سامهون آيا آهن. رپورٽ موجب هن وقت ڪراچي جي مختلف سرڪاري، نجي اسپتالن ۾ 147 مريض جڏهن ته حيدرآباد ۾ 203 مريض علاج هيٺ آهن. پي ايم اي صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته متاثر ضلعن ۾ فوري طور تي ويڪٽر ڪنٽرول مهم شروع ڪئي وڃي. بيٺل پاڻي، نالين ۽ ڪچري جي ڍيرن جي صفائي يقيني بنائي وڃي ۽ ڊينگي ڪنٽرول پروگرام جو آزادانه آڊٽ ڪرايو وڃي.صوبائي صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ چيو ته حيدرآباد ۾ ڊينگي جي مثبت شرح پهرين هفتي جي 46 سيڪڙو کان گهٽ ٿي هن هفتي 35 سيڪڙو ٿي وئي آهي پر صورتحال اڃان تائين مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ نه آهي. صحت جي ماهرن موجب جيڪڏهن فوري طور تي قدم نه کنيا ويا ته ڊينگي جي پکيڙ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اهو بحران سنگين خطرو بڻجي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو