ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ خيابان اتحاد سگنل ويجهو ڪار ۽ رڪشا وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو.ڪار ۽ رڪشا جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻه سخت زخمي ٿي پيا. زخمين جي سڃاڻپ فرحان ۽ وقاص جي نالي سان ڪئي وئي آهي.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي ۽ فوت ٿيلن جي وارثن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن حادثي جي جاچ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.










