ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيويارڪ هڪ نئون نوجوان ميئر چونڊيو آهي، ڪراچي به هڪ نوجوان ميئر چونڊيو آهي، ڪراچي جي تبديلي نيويارڪ پهچي چڪي آهي.مراد علي شاهه فيوچر سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏئي رهي آهي، ڪاروباري سرگرمين لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، صرف وڌندڙ رابطي سان ئي ترقي جو رستو کلي ٿو. ان کان اڳ وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب ڪراچي ۾ فيوچر سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت 24 سرڪاري ادارن کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي آءِ اي جي نجڪاري هن سال کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي.










