ڪراچي ٽرانسپورٽ لاءِ 7 ڪروڙ ڊالر قرض منظور

ڪراچي ٽرانسپورٽ لاءِ 7 ڪروڙ ڊالر قرض منظور

اسلام آباد (اياز مهر) ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ ڪراچي ٽرانسپورٽ پلان لاءِ 7 ڪروڙ 18 لک 10 هزار ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ، ريڊ لائن منصوبي سان شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو موثر ۽ مضبوط نظام فراهم ڪيو ويندو. ايشين انفرا اسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ 11 نومبر تي بيجنگ ۾ پنهنجي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ قرض جي منظوري ڏني هئي. منصوبي ۾ 24.2 ڪلوميٽر ريڊ لائين جو مرڪزي ڪاريڊور، شهر جي وچ ۾ سڀني بس ريپڊ ٽرانزٽ سان ضم ٿيندڻ 2.4 ڪلوميٽر ڊگهو ڪامن ڪاريڊور ۽ ڪاريڊور کي ٻين علائقن سان ملائڻ لاءِ آف ڪاريڊور ڊائريڪٽ ۽ فيڊر سروسز شامل آهن. ان کان علاوهه ان ۾ بي آر ٽي آپريشنز جو قيام ۽ ڪمپريسڊ نيچرل گيس، هائبرڊ فليٽ ۽ سسٽم جي خريداري به شامل آهي. فنانسنگ پلان مطابق منصوبي تي 50 ڪروڙ 33 لک 30 هزار ڊالر جي لاڳت ايندي جنهن مان ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ 23 ڪروڙ 50 لک ڊالر ادا ڪندي. فرنچ ڊولپمينٽ ايجنسي 7 ڪروڙ 18 لک 11 هزار ڊالر، گرين ڪلائميٽ فنڊ 1 ڪروڙ 10 لک ڊالر جي گرانٽ سان گڏ 3 ڪروڙ 70 لک ڊالر ۽ سنڌ حڪومت 7 ڪروڙ 57 لک 11 هزار ڊالر فراهم ڪندي. ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ ريڊ لائين منصوبو ايندڙ سال آگسٽ ۾ شروع ڪيو ويندو جنهن سان موثر، محفوظ ۽ گهٽ وقت ۾ سفر سان شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ بهتري ايندي جيڪا اعليٰ معيار، قابل رسائي ۽ سستي ٽرانسپور فراهم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو