ڪراچي: موٽرسائيڪل سوار ٻه ڀائر ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت

ڪراچي: موٽرسائيڪل سوار ٻه ڀائر ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪريم آباد فرنيچر مارڪيٽ ويجهو هڪ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه نوجوان ڀائر فوت ٿي ويا.پوليس موجب، عزيز آباد جا رهواسي ٻئي ڀائر عيد جي شاپنگ لاءِ ٻاهر ويا هئا، هڪ نوجوان نائين ڪلاس جو ۽ ٻيو ڏهين ڪلاس جو شاگرد هو.پوليس فوت ٿيل نوجوانن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فرار ٿيل ٽرالر ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي.ٻئي طرف، بلوچ ڪالوني پل جي ويجهو ٽينڪر جو ٽائر ڦاٽڻ سبب موٽرسائيڪل سوار هڪ شخص فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو