ڪراچي: مختلف روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت

ڪراچي: مختلف روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ پيش ايندڙ ٻن مختلف حادثن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب، ڪورنگي چمڙا چورنگي ويجهو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو. فوت ٿيل شخص جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ اڃا تائين ظاهر نه ڪئي وئي آهي.ٻيو حادثو لياقت آباد نمبر 10 جي ويجهو ٿيو، جتي هڪ شخص مسافر بس مان ڪري فوت ٿي ويو. فوت ٿيل شخص جي لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ عمران علي جي نالي سان ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو