ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ طارق روڊ تي هڪ شاپنگ سينٽر جي بيسمنٽ ۾ باهه لڳي وئي.فائر برگيڊ عملدارن موجب، گذريل رات دير سان طارق روڊ تي ڪپڙي جي مارڪيٽ ۾ باهه وسائڻ دوران ٻه فائر فائٽر دونھين ۾ ساهه کڻڻ سبب بيهوش ٿي ويا. انهن کي فوري طبي امداد لاءِ جناح اسپتال پهچايو ويو.باهه بيسمنٽ ۾ ٻن کان ٽن دڪانن کي متاثر ڪيو. متاثر ٿيل دڪان ڪپڙن جون هيون. چيف فائر آفيسر همايون موجب، بروقت ڪارروائي جي ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪيو ويو.واقعي کان پوءِ، مارڪيٽ ايسوسيئيشن، فائر برگيڊ اهلڪارن جي بهادري جي تعريف ڪندي 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو، جڏهن ته فائر فائٽر سڪندر ۽ بلال لاءِ 20 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو، جيڪي بيهوش ٿي ويا.باهه جا سبب اڃا تائين ظاهر نه ڪيا ويا آهن.










