ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سيف سٽي منصوبي تي هن وقت تائين جيڪا اڳڀرائي ٿي آهي اها ڪراچي کي محفوظ بڻائڻ ڏانهن اهم قدم آهي. منصوبي جا ڪيترائي اهم سنگ ميل حاصل ڪيا ويا آهن، هيستائين جيڪا ترقي ٿي آهي اها ساراهه جوڳي آهي. منصوبي جو مقصد صوبائي راڄڌاني ۾ عوام جي حفاظت کي وڌائڻ آهي. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس ۾ ڪيو جنهن ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته مختلف هنڌن تي 1300 ڪئميرائون لڳايون وينديون، 300 پول سائيٽن ۽ 18 ٻين اهم ماڳن جي سروي مڪمل ڪئي وئي. 200 پولن جي کوٽائي مجاز اختيارين جي منظوري کانپوءِ شروع ڪئي وئي، 50 پولز لڳايا ويا آهن جڏهن ته باقي تي ڪم جاري آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل پوليس آفيس (CPO) ۾ ڪنٽرول روم ۽ ڊيٽا سينٽر قائم ڪري وڊيو وال لڳايو ويو آهي جتان 35 ڪيمرائن ذريعي 7 هنڌن تي نگراني شروع ڪئي وئي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪيمرا، مانيٽرنگ ڊيوائسز ۽ آپٽيڪل فائبر هواوي ۽ ٻين ڪمپنين کان حاصل ڪري ڪراچي ۾ محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. پنج اسپيشل گاڏيون پڻ تيار ڪيون ويون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 18 پوليس اسٽيشنن ۾ پي او پي سائيٽن جي قيام لاءِ سروي ۽ مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. شاهراهه فيصل تي سيف سٽي اٿارٽي جو هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو پيو وڃي جنهن لاءِ زمين حاصل ڪري اين آر ٽي سي حوالي ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 35 پوليس ڪيمرا فعال آهن جڏهن ته وڌيڪ ڪيمرائون لڳائڻ جو ڪم جاري آهي. وڏي وزير چيو ته هيستائين جي پيشرفت نگراني ۽ تڪڙي ڪارروائي جي حوالي سان ڪراچي کي محفوظ بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.










