ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان

ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اولهه واري هوائون بلوچستان ۾ داخل ٿي ويون آهن، جنهن جي ڪري ڪوئيٽا وادي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ هلڪي برسات پئي.موسميات کاتي موجب، اولهه واري هوائون 9 اپريل تائين مٿانهين علائقن ۾ جاري رهڻ جو امڪان آهي.هن دوران، اسلام آباد، پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ اڪثر هنڌن تي مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته جبلن ۾ برفباري جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، اڄ ڪراچي، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ۾ هلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو