ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وسڪارو،4 ڄڻا فوت

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وسڪارو،4 ڄڻا فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ مينهن سبب ٿيندڙ حادثن ۾ چار ماڻهو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.ڪراچي حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريل رات کان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.ڪراچي ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، اولڊ سٽي، ايم اي جناح روڊ، ملير ۽ ڪورنگي سميت ٻين علائقن ۾ ڪڪر وسيا، ڊفينس، شاهه فيصل ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ به هلڪي برسات پئي.حيدرآباد ۾ به اڄ صبح کان هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، برسات سبب بجلي جي فراهمي مڪمل طور تي معطل ٿي وئي جنهن سبب شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. حيدرآباد جي علائقن لطيف آباد، قاسم آباد، ٽاور مارڪيٽ، ڄامشورو ۽ ٻين علائقن ۾ اڄ صبح کان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات دير کان تيز ۽ هلڪي هوا سان برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. برسات سبب معمول جي زندگي متاثر ٿي، شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا. جڏهن ته برسات سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو، شهري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا. دادو ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب ڪڻڪ جي فصل کي وڏو نقصان پهتو آهي. دادو ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب ڪڻڪ جي تيار ٿيل فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي جنهن ڪري آبادگارن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي. برسات جي نتيجي ۾ دادو شهر ۾ بجلي جو نظام به درهم برهم ٿي ويو، مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪاروباري مرڪزن ۾ به سرگرميون متاثر ٿي ويون آهن. جڏهن ته واپارين به نقصان جي شڪايت ڪئي آهي. شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري اچ وڃ جا رستا بند يا ڏکيا ٿي ويا آهن. جنهن سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. موسميات کاتي موجب اڄ کان 4 اپريل جي دوران ڪراچي، ڄامشورو، دادو، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ برسات جو امڪان آهي، سکر، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد، مٽياري، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين ٺتو، حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن تي به برسات پئجي سگهي ٿي.ريسڪيو اختيارين موجب، پراڻي گوليمار ۾ گهر جي ڀت رڪشا تي ڪرڻ سبب هڪ رڪشا ڊرائيور مارجي ويو، جڏهن ته اورنگي ٽائون جي اجتماع واري هنڌ تي گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ٽي ٻار زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حسن بروهي ڳوٺ نيو ڪراچي ۾ گهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو.ان کان علاوه، پي آءِ بي ڪالوني ڪوئيٽا هوٽل جي ويجهو هڪ شخص بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ۽ سرجاني سيڪٽر 7 اي جي ويجهو هڪ گهر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڇوڪري فوت ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو