ڪراچي: رينجرز جي ڪارروائي، 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي: رينجرز جي ڪارروائي، 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي تين هٽي لياقت آباد ۾ سنڌ رينجرز ڪارروائي ڪندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ حذيفه عرف ڇوٽا، جلال عرف سائڪو ۽ راشد عرف پوپا شامل آهن. گرفتار جوابدار منشيات فروشي ۽ چوري جي وارداتن ۾ ملوث آهن، ۽ سندن قبضي مان 70 کان 80 گرام آئس (منشيات) ۽ خنجر برآمد ٿيو آهي.هن ٻڌايو ته ڪارروائي دوران 40 موبائل فون، ليپ ٽاپ، ٽيبليٽس ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو. گرفتار جوابدار لٽيل سامان جي خريد و فروخت ۾ ملوث هئا، ان کان علاوه جوابدار لياقت آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ منشيات فروشي ڪندا هئا. جوابدارن ۾ جلال عرف سائڪو ۽ راشد عرف پوپا پهريان به جيل وڃي چڪا آهن. سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڪاررايون جاري آهن، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو