ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ موسم جي تبديلي جي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار متاثر ٿي رهيا آهن ۽ اسپتالن ۾ ٻارڙن جي نمونيا جي ڪيسن ۾ روزاني جي بنياد تي تمام گهڻي واڌ جي رهي آهي. ڪراچي جي چلڊرين اسپتال جي ايمرجنسي جي هڪ اڳواڻ موجب ان جي اسپتال ۾ روزانو نمونيا جا 30 ڪيس اچي رهيا آهن، اهڙي طرح سول اسپتال ۾ روزانو 10 کان 15 اهڙن ٻارڙن کي آندو وڇي ٿو جيڪي نمونيا کان متاثر ٿين ٿا. پاڪستان پيڊيا ٽرڪس ايس او سي اسيشن جي سڪريٽري جنرل ڊاڪٽرخالد شفيع ٻڌايو ته آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر ۾ عام طور تي نمونيا جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ نمونيا جي مخصوص قسمن جي لاءِ ويڪسين موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نمونيا کان ساليانو 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿين ٿا. 2 سالن کان گهٽ عمر واري ٻارڙن ۽ 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي نمونيا جا قطرا وڌيڪ ٿين ٿا. ڊاڪٽر خالد شفيع موجب نمونيا جي علامتن ۾ سائي، پيلي ۽ ڳاڙهي بلغم سان گڏ کنگهه، بخار، گرمائش، سردي لڳڻ، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ ساهه کڻڻ يا کنگهن وقت سيني ۾ تڪليف ڏيڻ شامل آهن.










