ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ جزوي طور تي ڪڪر رهڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مينهن ۽ بوندا باندی جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 24.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ هوا ۾ نمي 84 سيڪڙو آهي.










