ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اغوا ۽ قتل ڪيس جي 3 جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.عدالت جوابدارن ثاقب احمد، ريحان ۽ بابر جي سزا خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ ملوث نه آهن ته کين آزاد ڪيو وڃي.ڪراچي جي ٽرائل ڪورٽ قتل ۽ اغوا جي ڏوهه ۾ جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.پوليس موجب جوابدارن 23 ڊسمبر 2014 تي ڪراچي جي زمان ٽائون ٿاڻي جي حد مان هڪ شهري کي اغوا ڪيو هو.










