ڪراچيءَ سان محبت پ پ  وارن کان وڌيڪ ڪو به نٿو ڪري سگهي

ڪراچيءَ سان محبت پ پ وارن کان وڌيڪ ڪو به نٿو ڪري سگهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ سان محبت پيپلز پارٽي وارن کان وڌيڪ ڪو به نٿو ڪري سگهي، اسان جا وسيلا تمام گهٽ آهن، تڏهن به پوري توانائي لڳائي رهيا آهيون.ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شهر ۾ وڏن منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ملير ۾ عظيم پوره پُل کي رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته ڪراچيءَ لاءِ پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ سميت اهم شعبن ۾ ڪم ٿي رهيا آهن، ايمپريس مارڪيٽ شهر جو تاريخي ورثو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي عوام جي تڪليف ۾ مزو ايندو هو، هن شهر ۾ روزانو سوين ماڻهو ماريا ويندا هئا. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان شهر ۽ صوبي جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪندا آهيون، ڪراچيءَ جي ميئرشپ ۽ اليڪشن اڳتي به پيپلز پارٽي کٽيندي. وڏي وزير چيو ته ضروري آهي ته اسان پنهنجي دفاعي صلاحيت کي بهتر ڪريون، فنڊز ۾ ڪٽوتي سان ترقياتي منصوبا ضرور متاثر ٿيندا، ايندڙ بجيٽ ۾ ڪا به نئين ترقياتي اسڪيم شامل نه ڪئي ويندي. هن چيو ته منهنجي تبديليءَ جون ڳالهيون ڏهن سالن کان هلي رهيون آهن، پارٽي قيادت جڏهن چاهيندي ڪو به فيصلو ڪري سگهي ٿي، جنهن ڏينهن تبديل ٿيڻو هوندو ان ڏينهن ڪجهه ماڻهن جي خواهش پوري ٿيندي. سندس چوڻ هو ته مان ان وقت هٽايو ويندس جڏهن الله ۽ منهنجي پارٽي قيادت چاهيندي، مون کي هٽائڻ بابت ماڻهن جي خواهش پوري نه ٿيندي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته غير ترقياتي بجيٽ گهٽ ڪئي آهي، وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته ارسا (IRSA) جو ٽيلي ميٽري سسٽم ٺهي رهيو آهي، ان تي ڪم هلي رهيو آهي، پاڻيءَ جي اڻتڻ (قلت) آهي، مون وزيراعظم کي خط لکيو، اين اي سي (NEC) جي اجلاس ۽ وزيراعظم سان ملاقات ۾ به معاملو اٿاريو آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي سامهون آئي آهي، پيپلز پارٽي کي حڪومت ماڻهن ڏني آهي، سنڌ ۾ به سڀ کان وڌيڪ ووٽ پيپلز پارٽي کي 2024 جي اليڪشن ۾ مليا آهن. مقبوضه ڪشمير بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته حالتون پيچيده آهن، صدر مملڪت ۽ وزيراعظم ان تي آواز اٿاري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو