ڪراچي، پائپ لائن ۾ ٻڏي فوت ٿيل ڇوڪري جو لاش هٿ

ڪراچي، پائپ لائن ۾ ٻڏي فوت ٿيل ڇوڪري جو لاش هٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اچار ڳوٺ ويجهو پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي فوت ٿيندڙ ڇوڪري جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي.ريسڪيو ترجمان موجب، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڊگهي آپريشن کانپوءِ ڇوڪري جو لاش هٿ ڪيو ويو. مقتول جي سڃاڻپ 12 سالن جي صنم جي نالي سان ٿي آهي.ياد رهي ته گذريل شام تائين 72 انچ قطر جي پائپ لائن ۾ ٻڏي فوت ٿيندڙ نوجوان ڇوڪري جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. ان حوالي سان ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇوڪري پاڻي ڀرڻ دوران ڦاسي پوڻ سبب تيز وهندڙ پاڻي جي چينل ۾ ڪري پئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو