ڪراچي پوليس هٿان 10 شڪي جوابدار گرفتار

ڪراچي پوليس هٿان 10 شڪي جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ آپريشن ۽ مقابلن کان پوءِ پوليس 10 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ پنج زخمي به شامل آهن.نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس خميسا گوٺ ويجهو منشيات فروشن سان فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ ٻن زخمين سميت ٽن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار، نقد رقم ۽ منشيات هٿ ڪري ورتي.ان دوران، پاڪستان بازار پوليس گلشن ضياءَ ۾ گشت دوران موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي ٻه طرفي فائرنگ کان پوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.اورنگي ٽائون پوليس سيڪٽر 6 اي ويجهو هڪ مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. شڪي جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.سچل پوليس شير خان گوٺ ۾ هڪ آپريشن دوران ڦرلٽ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث چار رڪني ٽولي کي گرفتار ڪيو. شروعاتي جاچ دوران گرفتار ڪيل چئن شڪي ماڻهن درجنين اسٽريٽ ڪرائمز ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو. شڪي ماڻهن کان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ نقد رقم هٿ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو