ڪراچي،فائرنگ سبب  هڪ شخص مارجي ويو

ڪراچي،فائرنگ سبب هڪ شخص مارجي ويو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ هڪ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو سچل جي علائقي گلزار هجري ۾ پيش آيو. مقتول جي سڃاڻپ 50 سالن جي واهندو جي نالي سان ٿي آهي. مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته فائرنگ جو واقعو باهمي دشمني سبب پيش آيو. واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. جوابدار کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو