اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪيترائي ڀيرا سياسي ۽ مذهبي پارٽيون اسلام کي غلط استعمال ڪنديون آهن جنهن سبب ملڪ کي وڏو نقصان پهچندو آهي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏي بدقسمتي اها آهي ته ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا سياسي ۽ مذهبي پارٽين اسلام کي غلط استعمال ڪيو آهي ۽ هنن جي ائين ڪرڻ سان ملڪ کي سخت نقصان پهچندو آهي. ان سان ٻين ملڪن تي ڪوبه فرق نٿو پوي پر پنهنجي ملڪ ۽ اتان جي عوام کي نقصان پهچندو آهي. هن چيو ته اهو واضح ڪري ڇڏيان ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو نبي صلي الله عليه وسلم سان محبت ڪن ٿا هي اهو ملڪ اهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو. مون اهڙي طرح جو دين سان لڳاءُ ۽ پنهنجي نبي صلي الله عليه وسلم سان عشق ڪنهن ملڪ ۾ ناهي ڏٺو. جيڪو اسان جي ملڪ ۾ آهي.وزيراعظم چيو ته سڀني جو مقصد هڪ آهي پر افسوس ٿيندو آهي ته ڪيترائي ڀيرا ان پيار کي غلط استعمال ڪيو ويندو آهي ڇا حڪومت کي ان جي فڪر ناهي؟ جڏهن اسان جي نبي صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ٿيندي آهي ته ڇا اسان کي تڪليف ناهي ٿيندي؟ اهو ڪير فيصلو ڪندو؟ ڇا ڪنهن جي دل کي ڪنهن چيري ڏٺو آهي ته نبي صه سان ڪير وڌيڪ پيار ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي شيءَ کي جڏهن غلط طريقي سان استعمال ڪيو ويندو آهي ته ان سان دين کي فائدو نٿو پهڇي. ان سان جنهن ملڪ ۾ ڏوهه ٿي رهيو آهي ان کي نه پر پنهنجي ملڪ کي نقصان پهچندو آهي.وزيراعظم چيو ته قوم سان واعدو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪڏهن دنيا ۾ ڪوبه مهم هلائنيدو ته اها مان هلائيندس ۽ اسان مهم هلائڻ شروع ڪري ڏني آهي. مسلمان ملڪن جي سربراهن کي گڏ ملائي پنهنجو ڪيس پيش ڪنداسين. جڏهن اسان مهم هلائينداسين ته ان سان فرق پوندو. تڏهن يورپ وارن ملڪن ۾ تبديلي ايندي. هڪ وقت اهڙو ايندو ته مغرب ۾ ماڻهن کي اسان جي نبي صه جي شان ۾ گستاخي جو خوف هوندو. ان جي لاءِ مهم جي ضرورت آهي. پنهنجي ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان مغرب ۾ ڪوبه فرق نٿو پوي. اهڙي طرح اسان پنهنجو نقصان ڪري رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته منهنجي مهم ذريعي هميشه جي لاءِ هن مسئلي کي حل ڪنداسين ته جيئن ڪوبه ٻاهر ويهي اسان جي نبي صلي الله عليه وسلم جي توهين نه ڪري.










